اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سر??اري دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿي ويو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سي??پڪ??ري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي ق??ت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت ??عا??لا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي ??عا??لن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سي??پڪ??ري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سي??پڪ??رن سان به ملاقاتون ڪندو.