اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سمورن شهيدن کي انهن جي لازوال قربانين تي زبردست خراج عقيدت ۽ انهن جي گهرڀاتين کي انهن جي عزم ۽ استقامت تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو آهي. والاريل ڪشمير تي ڀارتي جي غيرقانوني ق??ضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چ??و ته اڄ ڀارت جي غيرقانوني طور تي ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي انهن جي مرضي جي خلاف غيرقانوني ق??ضي کي 75 سال مڪمل ٿيا آهن. 75 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي فوج بردستي والاريل ڪشمير ۾ ??اٿ?? ۽ ان وقت کان ڀارت علائقي تي زبردستي ۽ غيرقانوني ق??ضو جاري رکيو آهي. هن چ??و ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار زبردست مشڪلاتن جي خلاف اميد جي جنگ، خوف جي خلاف همت ۽ ظلم جي خلاف قرباني جي جنگ رهيو آهي. هن چ??و ته والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلين جي لاءِ ڀارت جي ڪڌ مهم 5 آگسٽ 2019ع کان تيزي سان جاري آهي جڏهن ڀارت پنهنجي ئي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي رد ڪري ڇڏيو جنهن والاريل ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني هئي. پرڏيهي وزير چ??و ته ڀارت گذريل 3 سالن دوران جابراڻا قدم کنيا جن جي ذريعي ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي علائقن ۾ هندو اڪثريتي چونڊ تڪ ٺاهيا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا، زمين ۽ ملڪيت بابت نوان قانون ۽ ٻيا توسيع پسنداڻا ۽ جابراڻا قدم ??ام?? آهن. هن چ??و ته چونڊ فهرستن ۾ غيرڪشميري رهواسين کي ??ام?? ڪيو پيو وڃي، اهي غيرجمهوري ۽ غيرقانوني ق??م گڏيل قومن جي ق??اردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آهن. بلاول ڀ??و زرداري چ??و ته ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جو ڀارت جو ڪڌو قدم بدنيتي تي ٻڌل مهم کانسواءِ ڪجهه نه آهي. هن چ??و ته 9 لک ڀارتي فوج جي موجودگي سان والاريل ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڌيڪ فوجي رکندڙ علائقن مان هڪ بڻجي ويو آهي. پرڏيهي وزير چ??و ته ڪشميرين جا 3 نسل دنيا ۽ گڏيل قومن جي واعدن جو انتظار ڪندا رهيا ته اهي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ڀارت کي جوابده بڻائڻ جي لاءِ عملي ق??م کڻي، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ق??من کي واپس وٺڻ گهرجي.