اسلام آب??د – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊگهين عمارت?? جي شڪل ۾ رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اهڙي طرح اسان ت??زي سان وڌندڙ آب??دي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ ??ئنڪ جي گورنر رضا باقر، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي لاهور ۾ جاري ڪيڊاسٽريل ميپنگ مشق تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته منصوبو ٽريڪ تي آهي ۽ 15 نومبر 2021ع تائين مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي لاهور جي زمين رڪارڊ کي جلد کان جلد ڊيجيٽل ڪرڻ کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏين ت?? جيئن زمين ت?? قبضا مافيا ۽ قبض?? جي خلاف هڪ عام ماڻهو کي ريليف ملي سگهي. وزيراعظم کي هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت تحت مختلف هائوسنگ منصوب?? جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت 86323 هائوسنگ يونٽس تعمير ڪري رهي آهي ج?? جي مجموعي لاڳت 463 ارب رپيا آهي، ا?? جي مختلف منصوبن تحت ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ تيزي سان 200000 کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، 2314 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون. وزيراعظم عمران خان ڳالهه کي ورجايو ته ڊگهين عمارت?? جي شڪل ۾ عمودي رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اها نه رڳو تيزي سان وڌندڙ آب??دي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪندي پر ڊيجيٽلائيزڊ ڪيڊاسٽريل ميپنگ موجب شهر?? جي زمي?? جي موثر استعمال کي پڻ يقيني بڻائيندي.