اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وفاقي حڪومت سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ 1973ع جي آئين ۾ 3 ترميمن جي لاءِ آئيني پئڪيج ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان آئيني ترميمن سان سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جو رس??و سدائين جي لاءِ بند ٿي وي??دو، پهريون ڀيرو عمران خان جي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پاران پاڪستان جي سموري اشرافيه جيڪا پارليامينٽ جي اندر آهي ان جي لاءِ هي ٽيسٽ ڪيس کڻي وڃي رهيا آهن، ماضي ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ ضمير وڪرو ۽ ووٽ خريد ڪيا وي??دا هئا، ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 23 ۾ سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ڪرا??ڻ جو مطالبو آهي، سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ خريد ڪندڙ ننڍن صوبن کانپوءِ پنجاب جي لاءِ به ريٽس ڪڍي ڇڏيا آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ اڪثريت کانپوءِ وڌيڪ آئيني ترميمون به ڪيون وي??ديون. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز ۽ ??زي??اعظم جو پارلياماني معاملن وارو خاص معاون ڊاڪٽر بابر اعواڻ پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.