اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي جي رستي ۾ ”اسٽيٽس ڪو“ سان چنبڙيل ماڻهو رڪاوٽ آهن، رشوت ۽ ڪرپشن وارا ملڪ ڪڏهن ترقي نه ٿا ڪر?? سگهن، ايندڙ گرمين جي موسم تائين سمورين وزارتن کي اي گورننس تي آڻڻ جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي، ايف بي آر جي نظام کي جولاءِ تائين مڪمل ڊي??يٽلائيز ڪيو ويندو، جتي قيادت ڪرپٽ ٿي وڃي ته معاشري ۾ بدعنواني کي برائي نه ٿو سمجهيو وڃي، پاڪستان ۾ اشرافيه جي رهڻي ڪهڻي جو ??ريقيڪار ڏسي نه ٿو لڳي ته اهي غريب م??ڪ جا شهري آهن. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تحت اي بڊنگ، اي بلنگ ۽ جي آءِ ايس ميپنگ شروع ڪرڻ واري تقريب کي وزيراعظم عمران خان خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ۾ اين ايڇ اي ۽ مواصلات واري وزارت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ ڊي??يٽلائيزيشن طرف وڃي رهيو آهي ۽ اهو ئي نئون پاڪستان آهي، دنيا ڊي??يٽلائيزيشن طرف وڃي رهي آهي، مستقبل انهي جو ??هي، ان سان شفافيت ايندي، جي آءِ ايس سان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي مانيٽرنگ ٿ?? سگهندي.