اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين ??ان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ ??ي خاموشي اختيار ڪئي وئي. گذريل هڪ سال کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير جي عوام کي ??دت??ين دٻاءُ ۽ فوجي گهيراءُ درپيش آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي هندستان ??نهنجي آئين جي آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 کي ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير کي ڏنل خصوصي حيثيت کي ڪالعدم قرار ڏنو جتي ڪشميري گڏ??ل قومن جي منظور ٿ??ل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي عوام ڀرپور انداز ??ان شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير ??ان پنهنجي والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو، پوري ملڪ ۾ صبح 10 وڳي هر قسم جي ٽريفڪ جي چرپر پڻ رڪجي وئي. مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين پاران ريلين ۽ جلسن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مقررين ۽ شرڪت ڪندڙن عالمي برادري کان ??طالبو ڪيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام کي انهن جي مرضي موجب جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.