اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آ??ي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آ??ي، نئون سياسي نقشو قوم جي ??ذبن جي ??رجماني ڪري ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ڪشميرين کي جلد انهن جي منزل ??لي، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، منزل تائين پهچڻ کان اڳ ان جو تصور ذه?? ۾ آڻڻ لازمي هوندو آهي. پاڪستان جو نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي قوم کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته اهو نقشو پهريون قدم آ??ي، ڀارت 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو هيءَ نقشو ان جي نفي آ??ي، والاريل ڪشمير جا ماڻهو پاڪستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سياسي نقشي جي ??اقاعده منظوري ڏني، ڪشمير مئسلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۾ آهي. عمران خان چيو ته اسان سياسي جدوجهد ڪنداسين، فوجي ??دوجهد کي نه ٿا مـڃون، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، جيستائين زندهه آهيان پاڪستاني قوم ڪشمير جي لاءِ جدوجهد ڪندي. هن چيو ته نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طو?? تي ظاهر ڪيو ويو آ??ي، ڪشمير پاڪستان جو حصوبڻجندو هي نقشو پهريون قدم آ??ي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آ??ي، پاڪستان جي ??مورن سياستدانن نئين نقشي جي ??ائيد ڪئي.