اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارت انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقع?? تي تڪراري شهريت بل آڻي انساني حقن جي قانونن جون سرعام ڌڄيون اڏائي ڇڏيون، اهو قدم ڀارت ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن تي فاشست مودي جي ڪاري ضرب ۽ مسلمان دشمني جو چٽو ثبوت آهي، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽو??يٽ ۾ چيو ته مودي سرڪار طرفان ڀارت کي انتهاپسند هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل گانڌي جي نظريي کي دفن ۽ قائدا??ظم جي ٻه قومي نظريي جي سچائ?? تي مهر ثابت ڪرڻ آهي