اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفا??ي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن جو جائزو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 255 ۾ ترميم ذريعي لفظ مدي ۾ واڌ جي اضافي جي منظوري ڏني وئي. وفا??ي ڪابينا وز??راعظم عمران خان جي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وز???? شفقت محمود، شيخ رشيد احمد ۽ وز??راعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفا??ي ڪابينا جي هنگامي اجلاس کانپوءِ ??ي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وز???? شفقت محمود ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ٻڌايو ته وفا??ي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس، عدالت جي آبزرويشن ۽ نوٽيسز جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.