اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميان محمد نواز شريف اسپتال منتقلي جي حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر جي ڳالهه به نه مڃي، هو اسپتال جي ٻاهر پارٽي ڪارڪنن جي گڏي ٿيڻ، ٽائر ساڙڻ سميت ٻيا لوازمات پورا ٿيڻ کانپو??ِ اسپتال منتقل ٿيو، اها ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي ته ڊينگي ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ جي باوجود به ايتريون پليٽ ليٽس ڪيئ?? هيـٺ ڪري پيون. وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??فا??ي ڪابين?? جي اجلاس کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري ??فا??ي وزير سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل رات 12 وڳي نواز شريف کي جڏهن اسپتال منتقل ڪئي پئي ويو ته ان جي مقابلي ۾ اها خبر هلي رهي آهي ته نواز شريف کي زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ ئي اوچتو پارٽي جا ڪارڪن جهنڊن سان گڏ اسپتال ٻاهران پهچي وڃن ٿا ۽ ٽائرن کي باهه لڳائي احتجاج ڪن ٿا.