اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪ??مت اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هرٽفورڊ شائر يونيورسٽي برطانيا جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪوئنٽن ميڪ ڪيلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي جي حوالي سان تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته حڪ??مت جي ترجيح آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ جدت ۽ نوجوان نسل کي آءِ ٽي سروسز جي تربيت حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته حڪ??مت نوجوانن کي آءِ ٽي اسڪلز حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ ليپ ٽاپ جي فراهمي جو ??رو??رام ٻيهر شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته برطانيا پاڪستا?? جي وچ ۾ تعليم جي ميدان ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن.