اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتم?? لاءِ سمورن ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، فلم جي صنعت جا سمورا حصيدار ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ج?? لاءِ پنهنجي قلم ۽ ڪئميره جو ڀرپور استعمال ڪن. ٻن ڏينهن واري فلم پاليسي جي مشاورتي اجلاس کانپوءِ صحافي?? سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل چئ?? سالن دوران دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو ثبوت سمورا مثبت اشارا آهن. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتم?? لاءِ سمورن ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ملڪ جا سمورا ادارا پرامن پاڪستان ج?? لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.