جده -10 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته ننڍ?? عمر وارا ماڻهو هاڻي اڪيلا عمري لاءِ سعودي عرب اچي سگهن ٿا، تنهن هوندي به انهن ج?? عمر 18 سالن کان گهٽ نه هئڻ گهرجي. سعودي اخبار مطابق حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو وي?? آهي ته سڀن?? عمره ڪمپنين ۽ ادارن کي چيو وي?? آهي ته هو نئين عمره سيزن دوران ??رڏ??هه مان ايندڙ عمره زائرين جي حوالي سان مقرره قاعدن ۽ ضابطن جي پابندي جاري رکن. وزارت چيو ته ??رڏ??هه مان ايندڙ عمره زائرين ج?? عمر 18 سالن کان گهٽ نه هئڻ گهرجي. وزارت چيو ته عمره ڪمپنيون ۽ ادارا ??رڏ??هي زائرين لاءِ عمره پيڪيج جي دائري ۾ گهربل سهولتن جو انتظام ڪن. عمره ويزي جي جاري ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر ٽرانسپورٽ، انشورنس ۽ بنيادي خدمتن جي بڪنگ ضروري آهي. عمره پئڪيج جو وقت ملڪ اندر عمره زائرين جي قيام جي حقيقي عرصي مطابق هئڻ گهرجي، مملڪت ۾ داخل ٿيڻ جي تاريخ کان 90 ڏينهن تائين قيام ڪري سگهجي ٿو. عمره سيزن جي پڄاڻي جي حوالي سان انتهائي حد 29 ذوالقعد 1445هه هوندي.