اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي ??ي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي قرضن جي فراهمي جو باقاعده جائزو ورتو وڃ?? ۽ ان عمل ۾ ڪنهن به پيش ايندڙ رڪاوٽ کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو وڃ??، راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور شهر جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ معاشي سرگرمين جي فروغ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ??ي هفتيوا?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلا?? ۾ ??لڪ ۾ جاري تعميراتي سرگرمين، بئنڪن پاران ڊولپرز، سيڙپڪارن ۽ خاص ڪري گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي گهر جي تعمير جي لاءِ آسان قرضن جي فراهمي ۽ تعميرات بابت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورن?? اجلاس کي ٻڌايو ته حڪومت پاران اعلان ڪيل مارڪ اپ سبسڊي جي حوالي سان صرف ڪجهه هفتن ۾ هيستائين آسان قرضن جي لاءِ 8 هزار کان وڌ??ڪ درخواستون ملي چڪيون آهن جنهن مان تقريبن 2 هزار جي لڳ ڀڳ (1820) منظور ٿي چڪيون آهن ۽ منظور ٿيل قرض جو ماپو پنج ارب روپيا آهي