سيالڪوٽ – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت صنعتي سرگرمين جي فروغ، ڪا??وبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، ڪا??وباري برادري کي سهولتون ڏيڻ، ڏورانهن علائقن جي ترقي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور ڌيان ڏئي ر??ي آهي، ڪا??وباري برادري جا ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ ?? ٻين کاتن ب??بت مسئلا حل ڪنداسين، عوامي مسئلن جي حل لاءِ موثر بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون، ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال ۾ معاشي سرگرميون جاري رکڻ اهم چئلينج هو، حڪومت ٺوس قدمن سان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آندو، ڪورونا وائرس جي وبا جي پهرين لهر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪندڙ مخالف ڌر اڄ جلسا ڪري ر??ي آهي، ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ضروري آهي، عوام ماسڪ پائي ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪري، صحيح معنيٰ ?? احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ويون ته سرديءَ جي موسم ۾ مشڪلاتون پيش اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ فضائي ايئر سيال جي افتتاح کانپوءِ ڪا??وباري برادري کي خطاب ڪندي ڪيو.