اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وزير نثار احمد فيضي هت?? ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم افغان وزير جي آجيان ڪندي ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان پاران افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مسلسل حماي?? جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان جي مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي لاءِ ??ائ??يمند ٿيندو، ان سان علائقائي رابطاڪاري وڌندي ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.