اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ منصفاڻو بڻائڻ جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، توانائي جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سبسڊي جي نظام ۾ سڌار?? کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن مستحقين ۽ غربت جو شڪار ماڻه?? کي شفاف ۽ منظم طريقي س??ن معاونت فراهم ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاور سيڪٽر سان لاڳاپيل سڌارن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ج?? صدارت ڪندي ڪيو.