اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورون?? وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 441 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض وائرس جي ڪري فوت ٿيا، سڄي ملڪ ۾ ڪورون?? وائرس جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 5 هزار 540 آه??، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 هزار 81 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 9 هزار 292، پنجاب ۾ 9 هزار 781، ??يبرپختونخوا ۾ 2 هزار 522، اسلام آباد ۾ 2 هزار 476، بلوچستان ۾ 434، گلگت بلتستان ۾ 308، آزاد ڪشمير ۾ 268 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورون?? وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 87 هزار 950 ٿي چڪو آه??، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آه??، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 99 ڪورونا جا مريض آه??، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 855 آه??، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 356، بلوچستان ۾ 13 هزار 227، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 137، اسلام آباد ۾ 15 هزار 840، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 755، پنجاب ۾ 97 هزار 461 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 31 هزار 115 مريض آه??.