اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وفاقي ڪاب??نا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي ۽ فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ ايڪٽ 2020ع جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وز??راعظم ڪڻڪ کي عوام جي بنيادي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي وڌندڙ ??بادي کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي ته جيئن آبادي جي ضرورتن موجب ڪڻڪ جي پيداوار ۽ سپلائي کي يقيني بڻائي سگهجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز وز??راعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪاب??نا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪاب??نا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي جي منظوري ڏني. وز??راعظم چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان جاچ جي لاءِ ڪميشن جو قيام عوامي مفاد ۾ ڪيو ويو. هن انڪوائري ڪميشن جي سفارشن جي ڏس ۾ لاڳاپيل ادارن کي ڏني ويندڙ ??ميوارين جي حوالي سان هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا مقرر مدي ۾ ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائين. وز??راعظم عمران خ??ن جي هدايت موجب خاص معاونين پاران اثاثن جا تفصيل پيش ڪرڻ جي عمل ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان ڪاب??نا کي ٻڌايو ويو ته وز??راعظم عمران خ??ن جي هدايت جي روشني ۾ سمورن خ??ص معاونين پاران پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا پيا وڃن. تازي اطلاعن موجب هيستائين هڪ صلاحڪار جڏهن ته ٽن خ??ص معاونين کي اڃا اثاثا جمع ڪرائڻا آهن جيڪي جمع ڪرايا ويندا. ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ بابت قدمن جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار ڪاب??نا کي ڪڻڪ جي صورتحال، صوبائي حڪومتن پاران ڪڻڪ جي خريداري، ذخيرن جي صورتحال ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽٽائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪيو.