اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي هڪطرفي ۽ غيرقانوني طور تي منسوخ ڪندي چار سال گذري چڪا آهن، ان وقت کان وٺي هيستائين ڀارت ڪشميري عوام کي دٻائڻ جي لاءِ طاقت ۽ تشدد جي وحشياڻي استعمال جو سهارو ورتو آهي، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف استحصال ڏهاڙي (5 آگسٽ) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀارت جا تازا قدم ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي آبادي کي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڀارتي ارادي جي نشاندهي ڪن ٿا. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ ڀارتي عملدارن چونڊ تڪن جي چونڊ حدبندي ڪئي آهي، لکين غيرڪشميرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن ۽ موجوده ووٽر فهرستن ۾ ڦيرڦار جي لاءِ لکين عارضي رهواسين کي پڻ شامل ڪيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته اهي سمورا قدم ڪشمير جي آبادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل ڀارتي حڪمت عملي جو جز آهي. وزيرا??ظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهڙن سمورن هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي پر بنيادي انساني حقن جي عالمي سطح تي مڃيل اصولن جي پڻ توهين آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جاري رکيو آهي. ان مسئلي تي عالمي برادري کي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گهرجي. وزيرا??ظم چيو ته ڀارت 7 ڏهاڪن کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي قابض آهي ۽ ان عرصي ۾ فوجي گهيراءُ ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ جا چار سال به شامل آهن. انهن سمورن عملن جي باوجود ڀارت بهادر ڪشميري عوام کي خاموش ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ ڪشميرين جي آزادي جي لاءِ منصفاڻ?? جدوجهد وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان بيگناهه ڪشميرين جا ٽي نسل آزادي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چڪي آهي. وزيرا??ظم چيو ته ان جي باوجود اڄ به ڪشميري عوام ڀارتي قابض فوج جي وڌندڙ ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آهي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان انهن بهادر ڪشميري مردن ۽ عورتن کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ انهن کي ڀارتي قبضي کان آزادي ج?? جدوجهد ۾ پنهنجي مسلسل حمايت جو يقين ڏياري ٿو. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن سان پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اها ناڪامي ڀارت جي هڪ ذميوار ميمبر ري??ست طور تي موقف کي سواليه نشان بڻائي ٿي. هن چيو ته ڀارت جو ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار هن پ??ري خطي جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيرا??ظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي ج?? جدوجهد جي جائز ۽ منصفاڻي مقصد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، اهو پاڪستان جو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آهي ته اسان انهن جو آواز هر فورم تي ان وقت تائين کڻي وينداسين جيستائين عالمي برادري ان مسئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وزيرا??ظم چيو ته عالمي برادري جي ذميواري آهي ته ڀارت تي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون۽ ڪشمير تي 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين هڪطرفو ۽ غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ جي لاءِ زور ڏنو وڃي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن ۽ اهو ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بامعنيٰ مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي.