اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هوابا??ي جي شعبي ۾ خدمتن جي بهترين معيار کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ هوابا??ي جي شعبي بابت معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان هوابا??ي جي شعبي ۾ خدمتن جي بهترين معيار کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته مسافرن ??ي بهتر کان بهت?? خدمتون پهچائڻ لاءِ ملڪ ۾ هڪ موثر چٽاڀيٽي جو عمل جاري ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، وزيراعظم قومي فضائي ڪمپني پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.