اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس سڀاڻي آچر تي ??سلام آباد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. سعودي عرب بطور چيئر افغا??ست??ن جي حوالي سان غير معمولي اجلاس جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته پاڪستان ان ??ي آجيان ڪندي سيشن جي ميزباني ??ي آڇ ڪئي هئي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ شرڪت ڪندڙن ۾ گڏيل قومن، عالمي مالياتي ??دارن ۽ آمريڪا، برطانيه، فرانس، چين، روس، جرمني، اٽلي، جاپان ۽ يورپي يونين جا نمائندا به شامل آهن، افغان عبوري حڪومت به اجلاس ۾ نمائندگي ڪندي، اهو اجلاس افغا??ست??ن ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال جي پس منظر ۾ گهرائي وئي آهي، افغان عوام سان يڪجهتي ??ي اظهار کانسواءِ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل مان اميد آهي ته هو افغا??ست??ن ۾ تيزي سان بگڙجندڙ انساني صورتحال، خاص خوراڪ جي ک??ٽ جي حوالي تي قابو پائڻ، ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ امڪاني معاشي تباهي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا، ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته افغا??ست??ن سان عالمي برادري جا مسلسل رابطا اڻٽر آهن، غير معمولي اجلاس جي ميزباني افغان عوام جي حمايت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو مظهر آهي، غير معمولي اجلاس افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم ۽ مسلسل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو، اجلاس افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ عملي ۽ ٺوس قدمن تي ??ور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو.