اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بدعنواني جي روڪٿام لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سخت قانون، انهن تي عملدرآمد، فوري انصاف، معاشري جي بدعنواني جي خلاف عدم ب??داشت، خدا خوفي ۽ ميڊيا جي ذريعي آگاهي سان بدعنواني تي ضابطو آڻ?? سگهجي ??و، ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي ??وقعي تي ”ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان قوم جو فخر“ جي ??وضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بدعنواني جي خلاف نيب آفيسرن جي ڪارڪردگي ۽ ڪوششن کي ساراهيون ٿا. نيب آفيسر ڪردار جي ??ختگي سان بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪندا رهن. هن چيو ته 6 عملن سان بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻ?? سگهجي ??ي. بدعنواني جي روڪٿام لاءِ قانونسازي سان گڏ قانونن تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. صدر چيو ته انصاف جي ??ظام ۾ بهتري ۽ عدالتن ۾ تيزي سان انصاف جي ??راهمي سان به بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻ?? سگهجي ??ي. هن چيو ته انسان ۾ خدا جو خوف ڏوهه ۽ بي ايماني کان روڪيندو آهي، اسلامي تاريخ ۾ به امانتداري جي تلقين ڪئي وئي آهي ۽ اهو اسلام جو بنيادي پيغام به آهي. اهڙي طرح معاشري کي به بدعنواني کان روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. معاشري جي تنقيد ۽ دٻاءُ سان به بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻ?? سگهجي ??ي. معاشري کي بدعنواني خلاف عدم ب??داشت جو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.
صدر چيو ته وائيٽ ڪالر ڪرائيمز جي جاچ ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، بدعنواني جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، اسلام ۾ رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ وارا ٻنهي کي جهنمي قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته بدعنواني کي روڪڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا عوام کي آگاهي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته نيب بدعنوان عنصرن کان 821 ارب روپيا وصول ڪيا آهن جيڪا نمايان ڪارڪردگي آهي تنهن هوندي به بدعنواني روڪڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بدعنواني ۾ مسلسل اضافو ٿيو، مختلف طريقن سان مني لانڊرنگ ڪئي وئي، ڪجهه ملڪن چوري ۽ مني لانڊرنگ جي ??ئسي مان ڪاروبار ڪرڻ جي سهولت ڏني، پ??ڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن مان لُٽيل دولت ڪجهه ترقي يافته ملڪن جي بئنڪن ۾ جمع ڪرائي وئي.