اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اي پي ايس سانحي پاڻمرادو نوٽيس تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي عدالتي حڪم جي تعميل ڪئي، هي اهو احترام آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت پنهنجي ادارن جو ڪري ٿي، اي پي ايس سانحي تي پوري قوم جي دل ڏکويل آهي، چار هفتن ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي اڳڀرائي بابت رپورٽ جمع ڪرائينداسين، انٽيليجنس ناڪامي نائن اليون واقعي ۾ به ٿي، 7 بمبار وائيٽ هائوس جي سامهون هوٽل ۾ ٽن مهينن تائين رهيا، جنهن جي ڪنهن کي خبر نه پئي، اي پي ايس سانحي ۾ انٽيلي جنس ناڪامي کانپوءِ پاڪ??تا?? جي سياسي قيادت نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو، ملڪ مان دهشتگردي کي پاڙ کان ختم ڪيو ويو، نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ اڄ اسان جون زندگيون نارمل ٿيون آهن، امن قائم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي عدالتي حڪم جي تعميل ڪئي، وزيراعظم آئين ۽ قانون جي حڪمراني کي لاڳو ڪري ڏ??کاريو آهي جيڪو اسان جي منشور جو حصو آهي، هي اهو احترام آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت پنهنجي ادارن جو ڪري ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي تي پاڪ??تا?? جي هر شهري جو دل ڏکويل آهي، اي پي ايس سانحي جي وقت مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ هئي، اسان جي لاءِ تمام آسان هو ته اسان انهن تي الزام هڻي ڳالهه ختم ڪري ڇڏيون ها پر اسان پنهنجي ذات کان وڌي پاڪ??تا?? جي قومي وحدت کي ڏسون ٿا. هن چيو ته اي پي ايس سانحي تي ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين اختلافن کي وساري متحد ٿي نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو، ان نيشنل ايڪشن پلان جي پٺيان پوري قوم بيٺل آهي. سندس چوڻ هو ته انٽيلي يجنس ناڪامي نائن اليون واقعي ۾ به ٿي، 7 بمبار وائيٽ هائوس جي سامهون هوٽل ۾ ٽن مهينن تائين رهيا جنهن جي ڪنهن کي خبر نه پئي. هن چيو ته اي پي ايس سانحي ۾ انٽيلي جنس ناڪامي کانپوءِ جيڪي قدم کنيا ويا انهن تحت پاڪ??تا?? مان دهشتگردي کي ختم ڪيو ويو، نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ اڄ اسان جون زندگيون نارمل ٿيون آهن، ان جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي سياسي قيادت کي به ڪريڊٽ وڃي ٿو، پارليامينٽ ان ??عا??لي تي قومي اتهاد جوڙيو، اڄ به اسان انهي نيشنل ايڪشن پلان کي اڳتي وٺي هلي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪ??تا?? تحريڪ انصاف جي حڪومت جا ٽي سال پاڪ??تا?? جي تاريخ جا پرامن ترين سال آهن، اسان ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو ڪيو ۽ معاشي چئلينجز کي ڪامياب سان منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته گهرو وزارت، انٽيلي جنس ادارن، پاڪ فوج ۽ آءِ ايس آءِ کي ڪريڊٽ وڃي ٿو جن ملڪ جي سياسي قيادت جي دورانديش فيصلن تي شاندار طريقي سان عملدرآمد ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت افغان??تا?? جي اندر جيڪا صورتحال درپيش آهي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ کي اها صورتحال درپيش هجي ته صورتحال مختلف هجي ها. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي ته اي پي ايس سانحي ۾ جن ماڻهن جُون اخلاقي ذميواريون بڻجنديون هيون اهي متعين ڪيا وڃن، چار هفتن ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪنداسين، ان ۾ انتظاميا، عدليه ۽ باقي ادارن سميت سمورن ادارن کي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي. واضح رهي ته اي پي ايس سانحي ۾ ٻارن سميت 147 فوتگيون ٿيون ۽ 125 زخمي ٿيا، استادن جي وارثن کي ??عا??ضي ڏ??و ويو، پرنسپل کي ستاره جرئت ۽ تمغه شجاعت سان نوازيو ويو، ??عا??ضي ۾ فرق بابت هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس 12 مارچ 2021ع تي اڪلايو ويو، ان تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. آرمي پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جي واقعي ۾ ملوث دهشتگردن ۽ ڏوهارين جي خلاف پاڪ فوج پاران فوجي عدالت?? ۾ ??يس هلايا ويا. دهشتگردن جي ٽرائل جي صورتحال هيئن رهي، 6 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏني وئي، دهشتگرد حضرت علي، عبدالسلام، سهيل ۽ مجيب کي 2 ڊسمبر 2015ع تي ڦاهي ڏ??ي وئي جڏهن ته دهشتگرد رضوان کي 24 مئي 2017ع تي ڦاهي ڏ??ي وئي، ان کانسواءِ دهشتگرد عتيق کي موت جي سزا ٻڌائي وئي جنهن نظرثاني جي درخواست آگسٽ 2016ع کان سپريم ڪورٽ ۾ آهي. اي پي ايس سانحي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن کي ڏ??ي ويندڙ ??عا??ضي جا تفصيل ڪجهه اهڙي طرح آهن. وفاقي حڪومت پاران شهيدن جي وارثن کي 277.8 ملين رپيا، زخمين کي 3.675 ملين رپيا (مجموعي طور تي 281.475 رپيا) ڏنا ويا. اهڙي طرح خيبرپختونخ??اه?? حڪومت پاران شهيدن جي وارثن کي 286 ملين رپيا، زخمين کي 123.8 ملين رپيا (مجموعي طور تي 409.8 ملين رپيا) ڏنا ويا. پنجاب حڪومت پاران شهيدن جي وارثن کي 6.57 ملين رپيا، زخمين کي 55.08 ملين رپيا (مجموعي طور تي 61.65 ملين رپيا)، پاڪ??تا?? آرمي پاران 575.755 ملين رپيا شهيدن جي وارثن کي ڏ??ا ويا، 153.575 ملين رپيا زخمين کي ادا ڪيا ويا، مجموعي طور تي 729.33 ملين رپيا ادا ڪيا ويا. هيڊڪوارٽر 11 ڪور پاران شهيدن جي وارثن کي 61.152 ملين رپيا، زخمين کي 1.199 ملين رپيا ??عا??ضو ڏنو ويو. مجموعي طور تي شهيدن جي وارثن کي 1207.277 ملين رپيا ۽ زخمين کي 337.329 ملين رپيا ??عا??ضو ادا ڪيو ويو، ??عا??ضي جي مجموعي رقم 1544.606 ملين رپيا آهي. ان کانسواءِ اي پي ايس سانحي کان متاثر هر خاندان جي ٽن ماڻهن کي عمرو پئڪيج ڏنو ويو.