اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 29 سيپٽمبر تي ٽانڪ ضلعي ۽ 25 سيپٽمبر تي ڪوئيٽا ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن ??ي گهرڀاتين سان رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي انهن جي خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر عارف علوي 25 سيپٽمبر تي بلوچستان هرنائي ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پونئيرن سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ه?? ڪيپٽن سڪندر سهيل ۽ سپاهي محمد عرفان ??ي گهرڀاتين کي ٽيليفون ڪئي. صدر سپاهي ماجد فريد، سپاهي حسنين رحمت ??ي گهرڀاتين سان ڳالهه بولهه ڪئي. هن سپاهي ذاڪر حسين ۽ سپاهي محمد سليم ??ي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيدن کي انهن جي خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر عارف عل??ي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سندن گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.