ڊيره اسماعيل خان – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ۽ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ موٽرسائيڪلن جون چا??يون ورهايون، ان سلسلي ۾ هتي آبادگار ڪنوينشن جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو ??زي?? محمود خان، وفاقي ??زي?? علي امين گنڊاپور ۽ ??زي??اعظم جو خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به موجود هئا. ??زي??اعظم آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا، پهرئين مرحلي ۾ صوبي جي پنج لک رجسٽرڊ آبادگارن مان 2 لک آبادگارن کي آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ سڄي ملڪ جي سمورين اي ٽي ايم مشينن تي استعمال ڪري سگهبا. پهرين مرحلي ۾ آبادگارن جي ڊيٽا بيس کي بهتر بڻايو ويندو ۽ کين سبسڊي (مشينري، ان پٽ وغيره) فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ آبادگارن کي بنا وياج/ گهٽ مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪيا ويندا ۽ فصلن جي انشورنس ڪئي ويندي، ان کانسواءِ کين قدرتي آفتن جي صورت ۾ مالي امداد به فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ صوبي ۾ زراعت جي فروغ لاءِ مالي سال 22 -2021ع جي دوران آبادگارن کي 1048.38 ملين روپين جي سبسڊي ڏني ويندي.