اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات لاءِ غير ملڪي صح??فين جي واگها رستي پاڪستان اچڻ تي پابندي جو ڀارتي فيصلو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، عالمي صح??فين کي پاڪستان اچڻ کان روڪي دنيا جي ”سڀ کان وڏي جمهوريت“ جي نام نهاد دعويٰ هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ٿي ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي پاڪستان اچڻ کان روڪي مودي حڪومت پنهنجي انهن دعوائن جي نفي ڪئي آهي جيڪي ان جي پرڏيهي وزير تازو ئي اعتدال پسندي، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي قانونن جو درس جي طور تي دنيا جي سامهون ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نئين دهلي ۾ رهندڙ نيويارڪ ٽائمز، رائٽرز ۽ دي اڪنا??سٽ جي نمائندن کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ ڀارت جي ان خوف ۾ مبتلا هجڻ جو واضح ثبوت آهي ته هو سچائي کي منهن نٿو ڏئي سگهي، هن چيو ته ميڊيا جي پيشيوراڻي معاملن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ آزاداڻي رپورٽنگ جي مڃيل عالمي حق کان روڪڻ 5 آگسٽ 2019ع جي فسطائي، هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن جي انتهاپسنداڻي ذهنيت جو تسلسل آهي جنهن جي ذريعي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب غير قانوني طور تي ڀارت جي ڏاڍ هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو بنيادي حق عوامي راءِ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن پرڏيهي صح??فين کي 5 آگسٽ تي آزاد ڪشمير جي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، اسان چاهيون ٿا ته ڀارت سمورن خودمختيار صح??فين کي والاريل ڪشمير ۾ وڃڻ ۽ حقيقي رپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏي.