لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گورننس جي بهتر?? ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ اسان ک?? ملڪ جو نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي، ڪرپشن جي ڪا گنجائش نه آهي، ٿاڻو ڪلچر تبديل ڪيو ??ڃي، ادارن ۾ جز?? ۽ ??زا جو نظام متعارف ڪرايو ??ڃي، سياسي دٻاءُ کانسواءِ ميرٽ تي ڪم ڪيو ??ڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي سول ??في??رن بشمول انتظامي کاتن جي سيڪريٽرين، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، ريجنل پوليس ??في??رن سان وڊيو ??نڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال درپيش رهي، معيشت قرضن جي بار هيٺ رهي، جنهن جي ڪري تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ گهربل. وسيلن جي کوٽ درپيش رهي. هن چيو ??ه ڪرپشن جي ڪري به معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، انهي جي ڪري اسان جي حڪومت ڪرپشن جي خلاف جهاد شروع ڪيو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جا مثال ڏنا ويندا هئا، ڪرپشن سدائين مٿي ۽ ايليٽ طبقي کان شروع ٿئي ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ه?? ملڪ اسان جو آهي، اسان جو جيئڻ مرڻ هن ئ?? ملڪ سان آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي، گورننس جي بهتر?? ملڪي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن وقت ملڪ ۾ معاشي ترقي جي لاءِ سڀ کان اهم شعبو تعميرات جو آهي. ان سان روزگار جا موقعا ملندا.