اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته جهڙي طرح اها ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ويو اهڙي طرح ڪوويڊ 19 جي خلاف ايس ا?? پيز تي يقين ۽ ان تي عمل به ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن برطانيا جي هفتيوار دي اڪنامسٽ ۾ شايع ٿيندڙ سروي رپورٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ اه?? ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستاني دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي يقين رکندڙ ماڻهو آه?? ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ويو. هلندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ سروي موجب 72 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ڪا پرڏيهي قوت اهو ??ائرس نه پکيڙي رهي آهي ۽ اهو ??درتي آهي جڏه?? ته رڳو 23 سيڪڙو جو اهو ??هم آهي ته وائرس ڄاڻي واڻي پکيڙيو ويو آهي.