ڪراچ?? – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو وڏو واپاري مرڪز آهي، ڪراچي جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، نئين بلدياتي ن??ام تحت وڏن شهرن جو پنهنجو ن??ام هوندو، ڪراچي پاڪستان جو حب آهي، هتان جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ڪراچي بهتر ٿيندو ته پاڪستان بهتر ٿيندو، گذريل حڪومت جي دور ۾ پنجاب جا 50 سيڪڙو فنڊز ??اه??ر تي خرچ ٿيا، ??اه??ر بهتر ٿيو پر باقي علائقا ترقي کان محروم رهيا، اسان اهڙو بلدياتي ن??ام آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ميئر ۽ ناظم جي سنڌي سنئين چونڊ ٿيندي. گورنر هائوس ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو موسم خراب هجڻ سبب ان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ڪراچي نه اچي سگهڻ ??ي ڪراچي جي ماڻهن سان معذورت خواه آهي. ڪراچي اچڻ جو مقصد ڏيڍ سالا اقتدار جي دور ۾ ڪراچي ۾ شروع ڪيل 5 منصوبن جو افتتاح ڪرڻو هو جن ۾ ٽن فلائي اوورز ۽ ٻن رس??ن جي تعمير شامل هئي.