پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ جي هر هڪ ٻار کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ موجوده حڪومت اولين ترجيح آهي، چين پاڪستان اقتصادي راهدا??ي موجب تعليمي ادارا قائم ڪري ره??ا آهيون، رشڪئي اڪنامڪ زون جو افتتاح به تمام جلد وزيراعظم عمران خان ڪندو جنهن سان روزگار جا وڏا موقعا فراهم ٿيندا. اهڙن خ??الن جو اظهار هن پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج، ضلعي صوابي ۾ 90 ملين روپين جي لاڳت سان آڊيٽوريم ۽ بلاڪ جو سنگ بنياد جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.