اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اڄ وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي وفد م??اق??ت ڪئي، عوام جي اميدن ۽ وزيراعظم جي ترجيحن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي ويزن 2020ع جو حصو ره??دي، وزيراعظم ڪراچي جي لاءِ 162 ارب جو پئڪيج ڏئي چڪو آهي، راڻا ثناءُ الله پنهنجي ڪيس کي سياسي رنگ ڏيڻ جي لاءِ پورو زور لڳائي ره??و آهي، خاص عدالت جو قيام ڪابينا جي منظوري کانسواءِ نواز شريف ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف ڪيس ۾ ان??اف جي فراهمي کي يقيني بڻايو، اليڪشن ڪميشن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم سان وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي وفد تفصيلي م??اق??ت ڪئي.