اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان چيو آهي ته افغانستان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو خاتمو ۽ معاشي ٻاڙائي جي روڪٿام لاءِ معاشي قدمن جي ضرورت آهي، افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم ع??را?? خان ت??جڪ??تان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم ع??را?? خان ت??جڪ??تان جي صدر جا سندس ۽ سندس وفد جي 16 ۽ 17 سيپٽمبر 2021ع جي تازي دوشنبي جي دوري دوران شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن دوشنبي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهي ل??ڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ل??ءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ع??را?? خان ت??جڪ??تان جي صدر کي افغانستان جي پائيدار امن ۽ استحڪام جي ل??ءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن ان ڏس ۾ قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ع??را?? خان چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ل??ءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي ضروري انساني معاونت جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ اقتصادي ٻاڙائي ۽ عام ماڻهو کي درپيش مشڪلاتن جي خاتمي ل??ءِ فوري اهميت جي معاشي قدمن تي پڻ روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۾ معاونت جي ڪوششن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ ۽ ان ڏس ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.