اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد سان گڏ اسلام آباد ۾ يو اي اي جي سفارتخاني ۾ وڃي متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي?? سينيٽ چيئرمين تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا، هن چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان جو لاڏاڻو نه رڳو يو اي اي جي عوام لاءِ وڏو نقصان آهي پر پاڪستانين ۽ مسلمان امت لاءِ وڏو صدمو آهي، سندس وفات سان پاڪستان هڪ سچي ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. انسانيت ۽ مسلمان امت جي تر??ي ۽ خوش??ال?? لاءِ شيخ خليفه بن زيد النهيان جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. سينيٽ چيئرمين چيو ته هو يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي?? سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي. سينيٽ چيئرمين سان گڏ پارلياماني وفد ۾ ڊپٽي چيئرمين مرزا م??مد آفريدي?? سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم?? سينيٽرز پرنس ا??مد عمرزئي، مولانا عبدالغفور حيدري، عبدالقار، دوست محمد، نصيب الله بازئي شامل هئا. پارلياماني وفد شيخ خليفه بن زيد النهيان جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.