اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاٽا کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ لاءِ ان جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ ۾ واپاري ۽ ??ار??باري سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ نئين ضم ٿيل ضلعي جي واپاري برادري کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ??ار??بار ۽ سيڙپ??ار?? جو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته محدود وسيلن ۽ عالمي مالياتي بحران جي باوجود پاڪستان ڪووڊ – 19 جي وبا دوران ??ار??باري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو?? صدر اهڙن خيالن جو اظهار باجوڙ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پي سي سي آءِ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ باجوڙ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر لالي شاهه، نائب صدر معراج الدين خان، ايگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، وفد صدر کي باجوڙ ضلعي جي واپاري برادري کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته باجوڙ جي واپاري برادري کي ڪمرشل بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن پاڙيسري ملڪن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ لاءِ افغانستان سان واپاري پوائنٽ کولڻ تي به زور ڏنو. اجلاس ک?? خطاب ڪن??ي صدر چيو ته واپاري برادري کي حڪومت پاران پيش ڪيل قرضن کان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، نوجوان ??ار??باري ماڻهو پنهنجو ??ار??بار شروع ڪرڻ لاءِ آسان شرطن تي ??ار??باري قرضا حاصل ڪري سگهن ٿا. هن واپارين کي جديد ??ار??باري طريقن کي اختيار ڪرڻ جي به ترغيب ڏني، جيڪي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ??صو وجهڻ سان گڏوگڏ انهن جي ??ار??بار جي پهچ کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. صدر واپاري برادري کي اهو به چيو ته هو باجوڙ جي نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وزارت پاران شروع ڪيل آن لائن اسڪل ڊولپمينٽ جي ڊي جي اسڪلز پروگرام مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ مدد ڪن?? صدر وفد کي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن تائين پهچ جي خاطري به ڪرائي.