اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 8 مارچ تي سبي ضلعي ۾ خودڪش حملي ۽ 21 م??رچ تي باجوڙ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري شهيدن جي عظيم قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ?? خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پو??ينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري خودڪش حملي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي سندس وارثن سان همدري جو اظهار ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي ۽ انهن جي خاندانن کي وطن خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ?? خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار عبداللطيف ۽ نائيڪ وحيد الله جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ??ئي. هن سپاهي عبدالجمال ۽ سپاهي سبطين حيدر جي پو??ينرن سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، صدر 21 م??رچ تي باجوڙ ۾ شهيد ٿيندڙن جي پو??ينرن سان به ڳالهه ٻولهه ??ئي، صدر سپاهي ڪامران خان۽ نائب صوبيدار اشتياق احمد جي وارثن سان به ٽيلفونڪ رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي بلند درجن ۽ پو??ينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي به دعا ڪئي.