اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود چيو آهي ته پاڪس??ان قطر سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن قط?? جي علائقائي معاملن بابت معاون پرڏيه?? وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري ۽ قط?? جي علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت معاون پرڏيه?? وزير خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ گهڻ رخي پاڪ قطر لاڳاپن جو جائزو به ورتو. پرڏيهي سيڪريٽري ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪس??ان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن علائقائي امن ۽ استحڪام خاص طور تي افغان امن عمل جي ڏس ۾ قط?? جي تعميري ڪردار کي به ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري افعان عوام جي فوري انساني ۽ اقتصادي ضرورتن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن چيو ته 40 سالن جي تڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ افغانس??ان ۾ امن کي مستحڪم ڪرڻ جو هڪ م??فر?? موقعو مليو آهي ۽ اسان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي. قط?? جي معاون پرڏيه?? وزير افغانس??ان ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ٺوس نتيجن تي پاڪستاني قيادت کي ساراهيو. هن 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي پاڪس??ان کي مبارڪباد به ڏني، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود قط?? جي معاون پرڏيه?? وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ??نو ته ڀارت پاران پاڪس??ان تي ميزائل فائر ڪرڻ جي تازي واقعي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ??نو آهي، انهن حقيقتن تائين پهچ لاءِ گڏيل جاچ جي ضرورت آهي، هن چيو ته جتي پاڪس??ان صبر ۽ تحمل ۽ ذميداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي اتي ڀارت جو غير ذميواراڻو طرز عمل علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي.