اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت هڪ پرتشدد پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان علائقائي امن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو ۽ بالادستي جي ارادن جي ڪري ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاون جي تنظيم (سارڪ) کي ??عال ٿيڻ نه ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر ۾ سريلنڪا جي بحريه جي ڪمانڊر وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن سان ملاقات ۾ صدر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ هڪ سنگين ڳڻتي جو سبب آهي ۽ بدقسمتي سان ڀارتي حڪومت ان کي ??ظرانداز ??ري رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي ت??ام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سريلنڪا سان گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي ??ڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سياحت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ??نهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي تعاون ۽ مذهبي سياحت کي ??روغ ڏيڻ جي وڏي صل??حي?? آهي ڇو ته پاڪستان ۾ ٻڌمت جون ڪيتريون ئي جايون آهن ۽ سريلنڪا جي ٻڌ ڀکشوئن کي ??ذهبي جاين جي سير جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. سيالڪوٽ واقعي جي مذمت ڪندي صدر سريلنڪا جي هڪ شهري کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حڪومت واق??ي ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي. صدر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ گوادر پورٽ جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي علائقائي رابطن کي ??روغ ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي ??ڌائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ اقتصادي خوشحالي جو سبب بڻجندا. وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن مشڪلاتن ۾ سريلنڪا جو ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن سريلنڪن شهري جي بي رحماڻي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف حڪومت پاران ڪيل ڪارروائي کي ??ڻ ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي ??ڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.