اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??زيراعظم عمران خان جي اسلامو فوبيا جي خلاف ع??لم?? فورمن تي آواز اٿارڻ جا اثر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پڻ ان جي مذمت ڪئي آهي. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف وزيراعظم پاران ع??لم?? فورمن تي آواز اٿارڻ جا مثبت اثر سامهون اچي رهيا آهن، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به ان جي مذمت ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته ڪينيڊين وزيراعظم اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته ان کان اڳ روس جو صدر پيوٽن پڻ اسلامو فوبيا کي راءِ جي آزادي چوڻ غلط قرار ڏئي چڪو آهي.