اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهور??ه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چ??ف، ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران سفارتي، سياسي، اقتصادي، علائقائي ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزسير چيو ته براعظم آفريقه ۾ جمهور??ه ڪانگو کي هڪ اهم ملڪ جي حيثيت حاصل آهي، پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران جمهور??ه ڪانگو جي صدر ۽ آفريقي يونين جي چيئرپرسن فيلڪس انتوان شيسڪيدي لاءِ نيڪ خواهشن جو پ??غام ڏنو ۽ آفريقي يونين لاءِ سندس قيادت ۽ خدمتن کي ساراهيو ۽ ڪانگو ۾ پرامن جمهوري حڪومت جي منتقلي تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير جمهور??ه ڪانگو جي پرڏيهي وزير ڪرسٽوف آپالا لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پ??غام ڏن??. پ??ڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، سفارتي حوالي سان ”انگيج آفريقه“ جي پاليسي تي گامزن آهي، پاڪستان علائقائي امن جي حوالي سان ڪانگو جي ڪردار جو معترف آهي، ڌرين جي وچ ۾ دفاع، تربيت، سيڪيورٽي ??ي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جي مشن تحت جمهور??ه ڪانگو ۾ قيام امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، جمهور??ه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال ڪانگو ۾ مقرر گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستاني فورسز جي خدمتن کي ساراهيو.