اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومون ذهنن سان ٺهنديون آهن، پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم تي ڌيان وڌي رهيو آهي، ملڪ کي تعليم ۽ هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳتي وڌائينداسين، معاشرو تعليم يافته عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري، تعليم جي ??يدان ۾ ترقي ڪري پاڪستان وڏي تيزي سان ترقي يافته ملڪ بڻجندو. صدر اهڙن خيان جو اظهار ڪنوينشن سينٽر ۾ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي 2021ع جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانووڪيشن ۾ يونيورس??ي جي چانسلر ڊاڪٽر عارف علوي، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، تعليم واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ يونيورسٽي جي ??ختلف شعبن جي سربراهن کانسواءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ??ڪ وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته يونيورسٽي جي ??ائين ڪانووڪيشن ۾ شرڪت تي خوشي آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته انهن زندگي جو هڪ مرحلو عبور ڪري ورتو آهي. تعليمي ميدان ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي ??مايان ڪاميابي کي ساراهيندي هن چيو ته قائداعظم يوينورسٽي پاڪستان جي ??ين تعليمي ادارن جي ڀيٽ ۾ رينڪنگ جي ??حاظ کان نمبر ون آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهو نمايان مقام محنت سان اچي ٿو، ان ڳالهه جي ??ڏي اهميت آهي ته تعليم ڪهڙي انداز سان ڏني وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم تي ڌيان وڌي رهيو آهي، هي قوم هڪ خاص مقصد ۽ منزل سان اڀري رهي آهي، جمهوريت جي بنياد تي پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ مديني جي رياست جي طرز تي هلڻو آهي، ملڪ کي تعليم ۽ هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته پاڪستان اخلاقيات جي بنياد تي دنيا جو ليڊر بڻجندو، برينڊ پاڪستان جو بنياد ديانتداري هوندي، دنيا ۾ فيڪ نيوز جي ??لغار آهي، شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ والدين ۽ معاشري جي خدمت ڪن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ رڳو 9 کان 10 شاگرد هايئر ايجوڪيشن ۾ وڃن ٿا جڏهن ته خطي جي ??ين ملڪن ۾ اها شرح وڌيڪ آهي. صدر چيو ته قومون قدرتي وسيلن سان نه ذهنن سان ٺهنديون آهن، موهن جو دڙو هزارين سال اڳ آباد ٿيو پر توهان کي اتي ڪو هٿيار نه ملندو، جرمني ۽ جاپان ٻي عالمي جنگ کانپوءِ تعليم ذريعي ترقي جون منزلون طئي ڪيون، پاڪستان ۾ نوجوانن جو انگ وڌيڪ آهي جن تي ڌيان ڏئي انهن کي اعليٰ تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائي سگهجي ??و، يونيورس??ي جي شاگردن ۽ فيڪلٽي کي مبارڪباد ڏيندي صدر چيو ته يونيورسٽي جي ??ارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ سان گڏوگڏ معاشري جون ذميواريون پڻ کڻڻ گهرجن ۽ ان مقصد جي ??اءِ ٻين جي ??اءِ ڪم ڪرڻو پوندو.