اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آڻڻ جي ??دايت ڪندي چيو آهي ته پناهگاهن جو مقصد غريب طبقي جي عوام جي ??قار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بيت المال جو ايم ڊي، سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي پناهگاهن جي صورتحال ۽ بهتري لاءِ جوڙيل جامع منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي، ??زيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ٽن مرحلن ۾ عملدرآمد ڪيو ويندو، منصوبي موجب موجوده پناهگاهن ۾ سهولتن جي ??راهمي ۾ بهتري آندي ويندي، ??جي عالمي معيار جي ??وٽلن مان پناهگاهن جي عملي کي تربيت فراهم ڪئي ويندي، ??اليسي تي عمدلرآمد لاءِ هڪ بورڊ ۽ انتظامي معاملن کي ڏسڻ لاءِ هر پناهگاهه ۾ 4 رڪني بورڊ جوڙيو ويندو، سهولتن جي حوالي سان ڊجيٽل ڊيش بورڊ جوڙيو ويندو جيڪو نگراني ۾ مدد ڪندو. ڊيش بورڊ کي موبائيل جي ذريعي باآساني هلائي سگهجي ??و ۽ موجوده پناهگاهن ۾ مسئلن جي ??شاندهي ڪري انهن کي حل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پناهگاهن کي ان مقصد جي ??اءِ تعمير ڪيل عمارتن ۾ منتقل ڪرڻ به منصوبي جو حصو آهي، پناهگاهن سان گڏ احساس ون ونڊو سينٽر به کوليا ويندا، ون ونڊو سينٽر جي ذريعي پناهگاهن ۾ رهندڙ اهل ماڻهن کي احساس تحت ٻين پروگرامن مان سهولت وٺڻ ۾ آساني ٿيندي، ??زيراعظم هدايت ڪئي ته جن پناهگاهن تي ماڻهن جي رش آهي انهن تي خصوصي ڌيان ڏنو و??ي. ??ن چيو ته پناهگاهن سان جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي، ان جو تعلق الله ۽ ان جي ??خلوق جي خدمت سان آهي. پناهگاهن جو مقصد معاشي طور تي غريب طبقي جي ??اڻهن جي ??قار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پناهگاهن کان پهرين غريب ماڻهو روڊن تي سمهڻ تي مجبور هئا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي موجب مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آندو و??ي.