اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آزاد ڪشمير ۾ سياحت ج?? فروغ لاءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري جا قدم کڻي رهي آهي، واديءَ ۾ سياحت ج?? فروغ سان معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم ??يا??ي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ت?? آزاد ڪشمير جي ماڻهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن ج?? فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ترقياتي پئڪيج ۽ 5 سالا ترقياتي پلان تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي. ترقياتي پئڪيج ۾ سياحتي انفراسٽرڪچر، ب??يا??ي صحت ۽ تعليم ۽ ايل او سي ويجهو رهندڙ آبادي جي لاءِ منصوبا شامل آهن.