اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ا??يڪ??رانڪ ووٽنگ مشين چونڊن ۾ شفافيت جو بهترين ذريعو آهي، چونڊن ۾ شفافيت جي حوالي سان ميڪنزم تيار ڪرڻو پوندو، اي وي ا??م اليڪشن ڪميشن جون سموريون شرطون پوريون ڪندي آهي، ٽيڪنالاجي جي حوالي سان سمورو ڪم مڪمل آهي، حڪومت ۽ مخال?? ڌر جي وچ ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو ته ايندڙ چونڊون اي وي ا??م تي ڪرائي سگهجن ٿيون، اي وي ا??م جي استعمال سان ڌانڌلي جا امڪان گهٽ ٿيندا، چونڊ نتيجا فوري دستياب هوندا، ان ۾ ا??يڪ??رانڪ ٽريل سان گڏ پيپر ٽريل به دستياب هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊجيٽل ميڊيا ونگ سان هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??يڪ??رانڪ ووٽنگ مشين تي اسان جو زور ان لاءِ آهي ته اها انٽرنيٽ سان ڳنڍيل نه آهي، اها مشين موجوده پيپر بيسڊ نظام کان هڪ قدم اڳتي آهي، اسان ان ۾ ا??يڪ??رانڪ ٽريل سان گڏ پيپر ٽريل به دستياب هوندي، هن چيو ته عام طور تي چونڊن دوران ووٽنگ پنج وڳي ختم ٿي ويندي آهي ۽ اسان کي نتيجن جي انتظار لاءِ صبح تائين انتظار ڪرڻو پوندو آهي جڏهن ته ا??يڪ??رانڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال سان چونڊ نتيجا فوري دستياب ٿيندا ۽ ڌانڌلي جا امڪان به گهٽ ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ حڪومت ن ليگ جي هئي، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ن ليگ جو هو، اليڪشن ڪميشن جو سينئر ميمبر به آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جو سنڍو هو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري به آزاد ڪشمير حڪومت پاڻ ڪئي جڏهن ته پوليس ۽ انتظاميه به انهن جي تابع هئي پر جڏهن ن ليگ کي ا??يڪشن ۾ شڪست ٿي ته هنن چيو ته ڌانڌلي ٿي آهي. وفاقي وزير چيو ته آخر اهڙو ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي ته جيئن انهن جا الزام ختم ڪري سگهجن،جيڪڏهن هو اليڪشن هارائيندا آهن ته چوندا آهن ته ڌانڌلي ٿي آهي ۽ کٽي ويندا آهن ته چوندا آهن ته چونڊون ٺيڪ ٿيون آهن، ان حوالي سان هڪ ميڪنزم تيار ڪرڻو پوندو جنهن سان چونڊن جي شفافيت تي سوال نه اٿاري سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي طرف وڌڻ گهرجي، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان چونڊن جي فرسٽ ورلڊ جي طرز تي شفافيت ايندي، چونڊن ۾ اي وي ا??م جي استعمال لاءِ اليڪشن ڪميشن جي شرطن جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن 36 شرطون سامهون رکيون ۽ چيو ته جيڪڏهن مشينون انهن 36 شرطن کي پوري ڪن ٿيون ٿي ته اهي ا??يڪشن ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته اسان جيڪا نئين ٽيڪنالاجي آندي آهي، اها اليڪشن ڪميشن جي سمورين شرطن کي پورو ڪري ٿي. اسٽيڪ هولڊرز جي خدشن جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته اسٽيڪ هولڊرز ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ مخال?? ڌر پارٽيون شامل آهن. اهي مشينون اليڪشن ڪميشن جي سمورين شرطن کي پورو ڪري رهيون آهن جيستائين مخال?? ڌر جو تعلق آهي ته انهن به اڃان تائين اها ٽيڪنالاجي ڏٺي ئي ناهي، هن چيو ته مخال?? ڌر پهرين انهن مشينن کي ڏسي پوءِ پنهنجو فيصلو ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت چونڊ سڌارن ۾ ٽن طرح جي ٽيڪنالاجيز تي ڳالهه ٿي رهي آهي جنهن ۾ ا??يڪ??رانڪ ووٽنگ مشين، انٽرنيٽ ووٽنگ ۽ بايوميٽرڪ شامل آهن، اهي ٽئي گڏ نه آهن، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت پنج ڪمپنيون اي وي ا??م تيار ڪري رهيون آهن جيڪي ا??يڪشن ڪميشن جي شرطن تي پورو لهن ٿيون، هاڻي قيمت طئي ڪرڻ جو معاملو آهي، ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪو به مسئلو درپيش نه آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان حوالي سان قانوني شرطن جا ٻه حصا آهن، هڪ حصو اليڪشن ڪميشن کي اختيار ڏيڻ بابت آهي، قومي اسيمبلي مان ان ڏس ۾ بل منظور ٿي چڪو آهي جيڪو هاڻي سينيٽ ۾ آهي، سينيٽ جون ٻه ڪميٽيون ان تي ڪم ڪري رهيون آهن، سينيٽ جي پوليٽيڪل ڪميٽي مخال?? ڌر ۽ حڪومت جي ميمبرن تي مشتمل آهي جنهن اهو بل بحث هيٺ آهي، جڏهن ته سنيٽ جي پارلياماني ا??يئرز جي باري ۾ ڪميٽي جي اندر به ان بل تي غور جاري آهي، جيڪڏهن سينيٽ ۾ ان بل تي وڌيڪ ترميمون آيون ته اهو ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ ايندو ۽ قومي اسيمبلي ۾ ان تي ٻيهر ووٽنگ ٿيندي. هن چيو ته حڪومت ۽ مخال?? ڌر ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو ته ان تي جلد عملدرآمد ٿي ويندو. ايندڙ چونڊون اي وي ا??م تي ڪرائڻ بابت سوال تي هن چيو ته ايندڙ چونڊون اي وي ا??م تي ڪرائڻ جي حوالي سان ڪو به مسئلو درپيش نه آهي، ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، اسان کي مشينون خريد ڪري استعمال ڪرڻيون آهن، مخال?? ڌر ۽ حڪومت جي وچ ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو ته ان جي اڳئين ڏينهن اي وي ا??م جي خريداري شروع ڪري سگهجي ٿي ۽ ايندڙ چونڊون اي وي ا??م تي ڪرائي سگهجن ٿيون.