اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڌرتي تي رهندڙ هر انسان کي ماحول دو??تي جو فرض ادا ڪر??و پوندو، وقت جي پڪار آهي ته انسانيت عالمي اتحاد بڻائي ماحول جو تحفظ ڪري، وڌندڙ عالمي گرمي پد، ٻيلن جي گهٽتائي، گليشيئرز جو پگهرجڻ وڏا خطرا آهن، عمران خان پهريون ماحول دو??ت وزيراعظم آهي ۽ عالمگير تحريڪ هلائي رهيو آهي، وزيراعظم جي ماحول کي بهتر بڻائڻ، وڻ لڳائڻ جي ڪوششن جو عالمي سط?? تي اعتراف ڪيو ويو آهي. ما??ول??ات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان نوجوانن ۽ دنيا کي احساس ڏياري رهيو آهي ته ماحول بهتر بڻائڻ ڪيترو ضروي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وڻڪاري ?? ماحول دو??تي کي پاليسي سط?? تي ايتري ڌيان ۽ محنت سان فروغ ڏنو پيو وڃي، اهو سلسلو جاري رهيو ته پاڪستان ۾ ما??ول??اتي شعبي ۾ نمايان نتيجا نظر ايندا، هن چيو ته هن سال ما??ول??ات جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو شرف پاڪستان کي ملڻ دراصل پاڪستان جي ماحول دو??ت قدمن جو عالمي سط?? تي اعتراف آهي.