اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي عالم سڳورن تي زور ڏنو آهي ته رمضان المبارڪ دوران ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ ايس او پيز لاڳو ??رڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪن، پاڻ ويڪسين لڳرائين ۽ ماڻهن کي به ان جي ترغيب ڏين، عوام کي ڪورونا ??ائرس جي نئين قسم جي شدت بابت آگاهه ??رڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان عالم سڳورا، ميڊيا ۽ سياسي قيادت آگاهي پيغام جاري ڪن. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن رمضان المبارڪ ۾ ڪورونا احتياطي تدبيرن بابت عالم سڳورن سان مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.