لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پ??جا?? صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سا?? اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پ??جا?? جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ۽ سينيئر آفيسرن وزيراعظم عمران خان جي لاهور جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس دوران ??زيراعظم عمران خان کي پ??جا?? ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري ۽ نئين تجويز ??يل صحت جي منصوبن جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صحت جي شعبي ۾ جاري منصوبن جي جلد کان جلد معياري پڄاڻي ۽ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ معياري سهولتن جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان ??وري قدم کنيا وڃن. هن صحت سهولت پروگرام تحت عوام کي انشورنس جي ڪامياب فراهمي تي اطمينان جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ صحت جي شعبي کي فنڊز فراهم نه ڪيا ويا ۽ نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خميازو عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي.