اسلام آباد – 07 ??ول??ءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا وبا جي خلاف موج??ده حڪومت جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪورونا وبا جي پکڙجڻ جو خدشو آهي، وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ گهر ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ عوام کي به اپيل ڪئي آهي ته هو عيدالاضحيٰ تي گهرن ۾ رهن، وزيراعظم جي غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي احساس پروگرام جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت ڪورونا وبا ۽ موج??ده معاشي صورتحال ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، شڪي لائسنس وارن 28 پائليٽس کي ن??ڪري مان ڪڍيو ويو آهي، جعلي لائسنس وارا سمورا پائليٽس پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ڀرتي ڪيا ويا، جلعي پائليٽن جي معاملي تي پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃ??. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.