اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي چئلينج کي مُنهن ڏين لاءِ سڄي دنيا کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. پاڪستان جهڙا اُسرندڙ ملڪ جيڪي پهريان ئي قرض هيٺان دٻيل آهن، هن وقت درپيش عالمي تناظر ۾ ان کي قرضن جي ادائگيءَ ۾ رليف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي و??يلن کي ان عالمي و??ا جو مقابلو ڪرڻ لاء?? استعمال ڪري سگهي.