اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) عورتن جي تعليم جي فرو?? جي لاءِ 2 ڏينهن و??ري عالمي ڪانفرنس ڇنڇر 11 جنوري کان شروع ٿيندي. ”مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ 23 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا، تعليمي ماهرن، وزير ۽ اسڪولز جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي سان چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڪانفرنس ۾ گهرايو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ عورتن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اسلامي ملڪن جا نمائندا پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. اها ڪانفرنس پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. ان ڪانفرنس ۾ مسلمان ۽ دوست ملڪن جي وزيرن، سفيرن، تعليمي ماهرن ۽ اسڪالرز سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليواريون شخصيتون شرڪت ڪنديون. گڏيل قومن جي ذيلي اد??ري يونيسڪ??، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف عالمي تنظيمن جا نمائندا پڻ موجود هوندا. مقررين ۽ پينلسٽ پنهنجا ڪامياب تجربا شرڪت ڪندڙن سان شيئر ڪندا ۽ تعليم ۾ برابري جي فرو?? جي لاءِ ج??يد طريقا پيش ڪندا. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ”اسلام آباد پڌرنامي“ تي باضابطا صحيحون ڪيون وينديون جيڪو مسلمان معاشري جي ڇوڪرين کي تعليم جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي گڏيل عزم جو خاڪو پيش ڪندو جنهن سان جامع ۽ پائيدار تعليمي سڌارن سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن مستقبل جي راهه هموار ٿيندي.